ديوان بدوي

ديوان بدوي (ڪتاب): ديوان بدوي، سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان ۽ شاعر لطف اللهبدوي‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. لطف الله بدوي پهرين پنهنجو تخلص ’جوڳي‘ ۽ پوءِ ’بدوي‘ اختيار ڪيو. ننڍپڻ کان ئي شعر چوندو هو. ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ اياز حسين قادريءَ ڄاڻائي ٿو ته، ”لطف الله بدويءَ کي شاعريءَ جو شوق ورثي ۾ مليو هو. هڪ وڏي شاعر جون سموريون خوبيون سندس ڪلام ۾ موجود آهن. هن جي شاعريءَ ۾ قديم ۽ جديد رنگن جو ميل آهي. هو بنيادي طرح نظم جو شاعر هو. سندس غزلن ۾ رواني ۽ خيالن جي گهرائي آهي. هن نثر ۽ نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. سندس سمورو ڪلام ’ديوان بدوي‘ ۽ ’رسالو لطف الله بدويءَ‘ ۾ قلمبند آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو